پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران ايراني هم منصب حسين امير عبدالله کي ٽيليفون، عيد جي مبارڪباد ڏني

image

اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالله کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري پڻ ايراني عوام کي مبارڪباد ڏني. پنهنجي ايراني هم منصب سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي سان خطي جي ترقي ۽ استحڪام ۾ مدد ملندي، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر ٿيندڙ لاڳاپن جي آجيان ڪري ٿو.

مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم
متعلقہ مضامین
مزید خبریں