عربي سمنڊ مان آيل شديد سامونڊي طوفان بپر جوائي شدت ۾ گهٽتائي کانپوءِ شديد سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو

image

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي ) عربي سمنڊ مان آيل شديد سامونڊي طوفان بپر جوائي شدت ۾ گهٽتائي کانپوءِ شديد سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي .طوفان جي مرڪز جي چوڌاري هوا جي رفتار 100 کان 80 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿي وئي آهي .نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي موجب طوفان ڀارتي گجرات جو ڪنارو پار ڪرڻ کان پوءِ ڪمزور ٿي ويو آهي شام تائين وڌيڪ گهٽ ٿيڻ کانپو ان جو گرمي پد ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويندو. طوفان جو مڪمل اثر ختم ٿيڻ تائين عوام کي محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ سامونڊي طوفان بپر جوائي ڀارتي گجرات جي ڪناري پٽي تي مڪمل لينڊ فال ڪيو آهي جيڪو ڪيٽي بندر کان 125ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں