پوليو سميت معاشري مان سمورن منفي روين جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پوليو سميت معاشري مان سمورن منفي روين جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي، پوليو جو خاتمو هڪ قومي مقصد آهي جنهن جي لاءِ اسان سڀ متحد آهيون، پوليو ويڪسين پيارڻ جي لاءِ اسان کي هر ٻار تائين پهچڻو آهي، پاڪستان ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏجي پوليو جي خاتمي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي علاج جي لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن، پوليو جي خاتمي واري مهم دوران ڪيترن ئي پوليو ورڪرز ۽ سيڪيورٽي اهلڪار فرض سرانجام ڏيڻ دوران جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، پوليو جي خاتمي ۾ بل اينڊ ملينڊا گيٽس جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي، پوليو جي خاتمي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي آڏو اچڻ نه ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ڊاڪٽر جونس سالڪ جي سالگرهه جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جنهن جي سربراهي ۾ 1950ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ پوليو جي خاتمي جي ويڪسين جي تياري عمل ۾ آندي وئي، ويڪسين جي ڪري سڄي دنيا ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي پوليو جي موذي مرض مان ڇوٽڪارو مليو، جيڪڏهن اها ويڪسين تيار نه ڪئي وڃي ها ته اڄ دنيا ۾ صورتحال مختلف هجي ها. هن چيو ته پاڪستان ۾ 1988ع ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم شروع ٿي، ان وقت دنيا جي 125 ملڪن ۾ پوليو جو وائرس موجود هو ۽ ساڍي 3 لک کان وڌيڪ ٻار پوليو سان معذور ٿي چڪا هئا، اڄ 99 سيڪڙو دنيا مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستان ۽ افغانستان ٻه اهڙا ملڪ آهن جتي پوليو جا ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان پوليو جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن، 2022ع ۾ پوليو کان متاثر ٻارن جو انگ 22 هو جيڪو هاڻي گهٽ ٿي رڳو 4 رهجي ويو آهي، پاڪستان ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏجي پوليو جي خاتمي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي علاج جي لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته انهن علائقن ۾ جتي پوليو جا ڪيسز سامهون اچن ٿا اتي غذا جي فراهمي، علاج جي بهتر سهولتن ۽ صفائي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، پاڪستان جو پوليو پروگرام انتهائي موثر آهي ۽ ان پروگرام جي ڪري ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو جي وائرس کان بچائڻ ۾ ڪاميابي ٿي آهي، ان مقصد جي لاءِ پوليو هيلٿ ورڪرز، سيڪيورٽي اهلڪارن جون خدمتون ۽ قربانيون ساراهه جوڳيون آهن جن کي مشل حالتن ۾ به پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پون ٿيون پر پوليو جي خاتمي لاءِ انهن جو عزم ڪمزور نه ٿو ٿئي. نگران وزيراعظم چيو ته 2011ع کانوءِ کان اسان جي ڪيترن ئي پوليو ورڪرز ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي ڪوششن دوران قربانيون ڏنيون آهن ۽ پنهنجي ايندڙ نسل جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، ان کانسواءِ فرض سرانجام ڏيڻ دوران ڪيترائي پوليو ورڪرز زخمي به ٿيا، ان اهم قومي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان انهن جي گهرڀاتين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان کي ان شيءَ جو احساس ڪرڻو پوندو ته دنيا ۾پوليو جي مڪمل خاتمي جي حوالي سان 2024ع ۾ اسان جي مٿان وڏي ذميواري لاڳو ٿي رهي آهي ۽ ان جي لاءِ اسان کي هر طرح جا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن پوليو جو ڦهلاءُ روڪي سگهجي، پوليو جي خاتمي لاءِ هر ٻار تائين ويڪسين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته صحتمند زندگي هر ٻار جو حق آهي، دنيا جي ٻين ملڪن جي ٻارن وانگر پاڪستان ۽ افغانستان جا ٻار به صحتمند زندگي جا حقدار آهن، پوليو جو خاتمو هڪ قومي مقصد آهي ۽ ان جي لاءِ اسان سڀ متحد آهيون، پوليو جي خاتمي ۾ بل اينڊ ملينڊا گيٽس جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي، پوليو سميت معاشري مان سمورن منفي روين جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي، ان جي لاءِ مذهبي اڳواڻن کان به مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي، اسان پنهنجي قومي مقصد کي حاصل ڪرڻ کان ڪنهن به صورت ۾ پٺتي نه هٽنداسين ۽ ان جي لاءِ حڪومتي ۽ ذاتي سطح تي جتي به ضرورت پئي پنهنجون خدمتون پيش ڪندس. تقريب کي خطاب ڪندي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته اسان پرعزم آهيون ته پاڪستان مان جلد پوليو جو خاتمو ٿي ويندو، پوليو جي خاتمي جي جنگ ۾ پوليو ورڪرز هر اول دستي طور ذميواري ادا ڪري رهيا آهن، اسان انهن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پوليو مهم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ پوليو ورڪرز جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، پوليو پروگرام تحت ان موذي مرض جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، اسان کي يقين آهي ته ايندڙ سال جڏهن اسان ملنداسين ته پاڪستان پوليو کان مڪمل طور تي پاڪ ٿي چڪو هوندو، پوليو جي خاتمي بابت عوام کي مڪمل آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر پليٿا ماهيپلا چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومتي عزم ساراهه جوڳو آهي، جهڙي طريقي سان حڪومت قدم کڻي رهي آهي اميد آهي جلد پاڪستان مان پوليو جو خاتمو ٿي ويندو، پوليو جي خاتمي ۾ ورڪرز جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي، صحت جو عالمي ادارو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان کي صحت جي شعبي ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. تقريب کي روٽري انٽرنيشنل ۽ يونيسيف جي نمائندن پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي مهم دوران شهيد ٿيندڙ پوليو ٽيمن جي ميمبرن جي پونئيرن ۽ زخمين جي خدمتن جي اعتراف ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.

مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں