نگران وزيراعظم پاران چوٿين پيرا ايشين گيمز ۾ پاڪستاني پيرا اولمپيئن حيدر علي کي گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي مُبارڪُون

image

اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين ۾ چوٿين پيرا ايشين گيمز ۾ پاڪستاني پيرا اولمپيئن حيدر علي جي ڊسڪس ٿرو ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي پوري قوم کي فخر آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چين جي شهر هانگزو ۾ ٿيندڙ چوٿين پيرا ايشين گيمز ۾ پاڪستاني پيرا اولمپيئن حيدر علي جو ڊسڪس ٿرو ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ پوري قوم جي لاءِ انتهائي فخر جو لمحو آهي. هن چيو ته توهان جي لگن، عزم ۽ اها شاندار ڪاميابي اسان سڀني جي لاءِ متاثر ڪندڙ آهي، حيدر علي توهان کي اها ڪاميابي مبارڪ هجي.

مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے
متعلقہ مضامین
مزید خبریں