نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل عرب امارات جو دورو مُڪمل ڪري ڪويت جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو

image

ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل عرب امارات جو دورو مُڪمل ڪري ڪويت جي سرڪاري دوري تي ڪويٽ سٽي جي لاءِ روانو ٿي ويو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي البطين هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير سهيل محمد المزروعي ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم کي رخصت ڪيو. ڪويت جي دوري دوران نگران وزيراعظم ڪويت جي ولي عهد شهزاده شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ احمد النواف الاحمد الصباح سان ملاقات ڪندو. جڏهن ته ڪويتي قيادت سان ملاقاتن کانسواءِ نگران وزيراعظم جي موجودگي ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون پڻ ٿينديون. دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي ۽ مختلف شعبن جن ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون.

مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش
متعلقہ مضامین
مزید خبریں