صدر پاران ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي تي مخدوم طاهر رشيد کي مبارڪباد

image

اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي تي مخدوم طاهر رشيد کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته مخدوم طاهر رشيد پنهنجي تڪ جي عوام جي اميدن تي پورو لهندو، تڪ جي مسئلن جي حل ۽ عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏيندو. صدر چيو ته مخدوم طاهر رشيد قومي اسيمبلي ۾ رحيم يار خان جي عوام جي ڀرپور نمائندگي ڪندو. صدر آصف علي زرداري مخدوم طاهر رشيد کي چونڊڻ تي تڪ اين اي 171 جي عوام جا ٿورا پڻ ادا ڪيا.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں