اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 33 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ?? ڪورونا جا هڪ هزار 270 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 33 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 29 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي ??نا??ب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، پشاور 25 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي ??نا??ب جي لحاظ کان پشاور ۾ 39 سيڪڙو، ملتان ۾ 23 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 23 سيڪڙو ۽ گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 35 هزار 280 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 846، پنجاب ۾ 11 هزار 273، خيب??پخ??ونخواهه ۾ 6 هزار 280، اسلام آباد ۾ 5 هزار 397، بلوچستان ۾ 595، گلگت بلتستان ۾ 375، آزاد ڪشمير ۾ 514 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 18 هزار 164 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ?? ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 261 مريض آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 29 هزار 981 آهي. سڄي ملڪ ?? ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 60 هزار 363 آهي .