اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ منشيات ۽ ڏوهن بابت گڏيل قومن جي نمائندي ٽرولس ويسٽر ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ ع??ال??ي سڌارن ۽ م??حولياتي ڏوهن جهڙن اُڀرندڙ شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۾ قانون ۽ م??حولياتي منصوبن کي اڳيان وڌائڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ڪالهه انساني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ڪيس اسائنمينٽ ۽ م??نجمينٽ سسٽم (سي اي ايم ايس) تي خاص توجهه ڏني وئي جيڪا قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ يو اين او ڊي سي جو گڏيل منصوبو آهي. سي اي ايم ايس جو مقصد ڪيس مئنجمينٽ کي روايتي طريقن سان ڊجيٽل نظام طرف منتقل ڪرڻ آهي ته جيئن قانوني م??هرن جي ڪارڪردگي ۽ فوري ڪيس جي نگرانيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي. هاڻ تائين وزارت وفاقي وزيرن جي فوڪل پرسنز جي ڇهن بينچن کي تربيت فراهم ڪئي آهي ۽ سي اي ايم ايس هن وقت نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن سيڪيورٽي بورڊ (اين ٽي آءِ ايس بي) تحت جاچ ۽ سيڪيورٽي آڊٽ جي م??حلي ۾ آهي. يو اين او ڊي سي ضروري انفراسٽرڪچر فراهم ڪيو آهي جنهن ۾ سرورز ۽ ڪمپيوٽر شامل آهن ۽ فني م??ئلن جي حل لاءِ لڳاتار پنهنجو سهڪار فراهم ڪري رهي آهي. ٽرولس ويسٽر سي اي ايم ايس کان علاوه ماحولياتي تبديلي ۽ـ ڏوهن جي روڪٿام جهڙن نَون امڪاني شعبن ۾ سهڪار جي نشاندهي ڪئي. وفاقي وزير پراسيڪيوٽرز جي صلاحيت ۾ واڌ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان سلسلي ۾ يو اين او ڊي سي جي سهڪار جي آجيان ڪئي. ويسٽر، پاڪستان ۾ گهٽ سزا جي تناسب جي سببن جو جائزو وٺڻ لاءِ ۽ بهتريءَ جي م??تلف ماڊلز کي دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل منصوبي جي تجويز ڏني. وفاقي وزير تازو ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ ۾ ترميمن جي حوالي سان ويسٽر کي آگاهه ڪيو ۽ انهن ترميمن ۾ يو اين او ڊي سي جي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تي ويسٽر عدليه سان ڀائيواريءَ کي يقيني بنائڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير، يو اين او ڊي سي جي م??لسل معاونت تي سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ صلاحيت سازي، ماحولياتي قدمن ۽ ع??ال??ي سڌارن ۾ گڏيل ڪوششن لاءِ پاڪستان کي عزم کي ٻيهر ورجايو. ٻنهي ڌُرين ملاقات جي پڄاڻي گڏيل سهڪار جي قدرن ۽ ڀائيواري ۾ مسلسل ترقيءَ جي عزم سان ڪيو.