اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ ڪينيا واپاري ناتن کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڪالهه وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ڪينيا جي هاءِ ڪمش??ر جي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان اوڀر آفريقي ملڪن ۽ وچ ايشيائي رياستن وچ ۾ واپاري پُل بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪينيا ۽ پاڪس??ان وچ ۾ زراعت، دوا سازي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جا وسيع ام??ان ??وج??د آهن. پاڪس??ان ڪينيا سان چانهه جو وڏو امپورٽ ڪندڙ آهي. وفاقي وزير ان موقعي تي ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر کي ٻُ??اي?? ته ڪينيا پاڪس??ان جي هماليائي گلابي لوڻ، ماربل ۽ سيمنٽ جي موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن اوڀر آفريقا سان آزاد واپاري معاهدي تي ڪم تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ پاڪس??ان ۾ اوڀر آفريقي واپار تي خصوصي ڪانفرنس جي به تجويز ڏني. واپار واري وفاقي وزير ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر کي سيالڪوٽ ۽ گوجرانوالا جي صنعتي دؤري جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر پاڪس??ان جي فعال ڪردار تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وچ ايشيا ۽ اوڀر آفريقا ۽ پاڪس??ان کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ضروري آهي. پاڪستاني نجي ڪمپنيون پاور سيڪٽر ۾ ڪينيا لاءِ موقعا فراهم ڪري سگهن ٿيون. ملاقات ۾ ڪينيا جي ميگا پراجيڪٽس لاءِ سيمنٽ ۽ اسٽيل جي فراهميءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪس??ان طرفان ڪينيا سان ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سٺو سنوڻ آهي. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۽ ڪينيا وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.