اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) چيني صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ رو?? انيشي ايٽو (بي آر آئي) جو فليگ شپ منصوبو آهي جنهن سان نه رڳو پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي سگهه ڏيڻ ۾ مدد ملندي بل??ه علائقائي خوشحالي به ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير، گڏيل قومن جي اڳوڻ?? انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ چين پاڪستان فرينڊشپ ايسوسيئيشن جي موجوده صدر شازو ڪانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چين جي پهرين صف جي ڪاروباري ڪمپنين جي وفد جي قيادت ڪندي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.