اسلام آباد ?? 25 ??سمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي کي يق??ني بڻائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي، قومي مفاد تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو مفاد اسان سڀني جي ترجيح هجڻ گهرجي، آرمي چيف ??نرل قمر جاويد باجوا قوم جي ضرورت آهي، هن ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع اسان سڀني جي ذميداري آهي، جنهن کي يق??ني بڻائڻو آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ قانونسازي جي حوالي سان مخالف ڌر سان رابطي ۾ آهيون اميد آهي ته معاملا خير خوبي سان حل ٿ?? ويندا، راڻا ثناءُ الله کي بي گناهي جو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙن جي ذهنن ۾ ابهام آهي، نجي ٽي وي چئنل سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ ڊ??ڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته راڻا ثناءُ الله جو ڪيس مڪمل طور تي واضح آهي اهو ڪريڊٽ اي اين ايف ??و ڏانهن وڃي ٿو جنهن جرئت ۽ بهادري سان طاقتور مافيا تي هٿ وڌو آهي.