اسلام آباد – 05 في??روري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر ۽ ثابت قدم عوام سا?? يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جن ظلم ۽ ڏاڍ کان آزادي ۽ پنهنجي خودمختياري جي حق جي لاءِ 7 ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ بي مثال قر??انيون ڏنيون آهن، 5 آگسٽ جي ڀارتي غيرقانوني ڪاررواين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ?? پاڪستاني عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، پاڪستان هر فورم تي ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو اٿاريندو رهندو، حڪومت ?? پاڪستاني عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قر??ردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ تائين ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ?? سفارتي حمايت جاري رکندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سا?? يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.