اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي قيادت جي جنگي جنون ۽ زميني جارحاڻي قدمن سان امن ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيدا ٿيا آهن، ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀ??رت طرفان انسانيت جي خلاف ڏوهن جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب مسئلي جي حل لاءِ ڀ??رت تي دٻاءُ وجهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ان جي جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ڪ??ڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رک??دا??ين. اها ڳالهه هن برطانوي پارليامينٽ جي آل پارٽيز پارلياماني ڪشمير گروپ (اي پي پي ڪي جي) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.