اسلام آباد ??? 04 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ڇو ته اسان امن جي قدر ۽ قيمت ڄاڻون ٿا، پاڪستان گذ??يل سال ڀارتي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي باوجود ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪري ڇڏيو هو ڇو ته اسان امن چاهيون ٿا، وزيراعظم عمران خان ڀارت کي امن جي آڇ ڪندي واضح ??ور تي چيو هو ته ڀارت جيڪڏهن هڪ قدم اڳتي وڌندو ته پاڪستان 5 قدم اڳتي وڌندو، جنگين جي تاريخ مان اسان کي تباهي، ڦرلٽ ۽ ٻين جي استحصال کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ملي، جنگين سان امن حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو ۽ نه ئي ان سان قومن جي نئين سر تعمير ممڪن ٿئي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسٽريٽجڪ خطرن ۽ ردعمل تي عالمي ڪانفرنس کي خاص مهمان ??ور خطاب ڪندي ڪيو.