اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا گرمي جي ايندڙ موسم ۾ ڊينگي جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪجهه ضروري دوائون ڀارت کان درآمد ڪرڻ جي هڪ ڀيري جي اجازت جي تجويز رد ڪري ڇڏي جڏهن ت?? کنڊ جي معاملي جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي کي پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن آف انڪوائري جا اختيار ڏيڻ، هر سال پروف آف ليونگ (زندهه هجڻ جو ثبوت) جي ڏس ۾ نا??را جي بايوميٽرڪ ويريفڪيشن نظام کي لاڳو ڪرڻ، وفاقي گادي واري شهر جي حدن ۾ موجود ادارن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي جاين لاءِ اسلام آباد ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن جي ڪوٽا 50 سيڪڙو ڪرڻ، مختلف ادارن ۾ مقررين جي منظوري ڏيندي، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين زبير گيلاني جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا وفاقي ملازمن پاران پگ??ار?? ۾ اضافي جي مطالبي جو پڻ جائزو ورتو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن پاران روايت جي ابتڙ ملازمن جي پگ??ار?? ۾ اضافو ڪيو ويو جنهن سان صوبائي ۽ وفاقي سطح تي پگ??ار?? ۾ فرق موجود آهي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي لاءِ پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ جو هڪ طريقو قانون ۾ موجود آهي جنهن جي پاسداري انتهائي ضروري آهي.