اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر قوم کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦ??لاءُ کي روڪڻ جي لاءِ اها انهي ذميواري ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪري جهڙو هن شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيو، پاڪستاني قوم ڪيترن ئي هفتن تائين بهترين ڊ??پلين جو مظاهرو ڪيو پر عيد ک??ن اڳ شاپنگ ۽ بعد ۾ عيد تي ڊسپلين نه ڏٺو ويو، جيڪي ماڻهو ايس او پيز تي ??مل نه ڪري رهيا آهن اهي پنهنجي زندگين سان گڏوگڏ ٻين جي زندگين کي به خطري ۾ وجهي رهيا آهن، وبا جي ڦ??لاءُ کي روڪڻ جي لاءِ طاقتور هٿيار حفاظتي ??دبيرون آهن، اسان سڀني جي مجموعي ذميواري آهي ۽ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ٻڌل ڳالهيون نه پکيڙين، بنا تصديق جي ڪا به ڳالهه اڳتي نه پهچائين، حڪومت جي اڄ به ڪورونا جي ڦ??لاءُ ۾ گهٽٽائي اولين ترجيح آهي پر مهينن ۽ سالن جي لاءِ قومن کي بند نه ٿو ڪري سگهجي، صحت جو نظام ??ڌائي رهيا آهيون، طبي عملي کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي، 27 مارچ کان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪم شروع ڪيو اڄ تائين هڪ ڏينهن به ناهي رُڪيو، دنيا ۾ عالمي ادارن به پاڪستان ۾ رليف ڪوششن کي ساراهيو، ڪوورنا وبا ۾ ڊاڪٽرن کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪم مشڪل آهي ته اهو پوليس جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ??ين سي او سي جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.