اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آه?? ته ڪراچي جهاز حادثي سميت ويجهي ماضي ۾ ٿيندڙ ٻين حادثن جون رپورٽون 22 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون وينديون، ڪراچي جهاز حادثي جي شفاف جاچ جي لاءِ ترڪيءَ ۽ ٻين عالمي شهرت يافته ايئرلائينز ??ي ايئربس جا سينيئر ت??ين پائليٽس به جاچ ٽيم ۾ شامل ڪيا ويندا، 56800 کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آڻي چڪا آه??ون، ماضي ۾ پائليٽن جعلي لائيسنس پڻ حاصل ڪيا، ان جي به مڪمل جاچ ڪرائي ويندي، ??ي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل ۽ هوائي اڏن کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي حوالي سان شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، هوائي حادثا اسان جي لاءِ شرمندگي جو سبب آه??، شفاف جاچ ذريعي ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته 22 مئي تي بدقسمت جهاز سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪراچي جي لاءِ اڏام ڀري ۽ 2 لڳي 39 منٽن تي حادثي جو شڪار ٿيو. ان ۾ 97 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ٻه خوشقسمت ترين ماڻهو الله جي ڪرم سان محفوظ رهيا. اهي ٻئي ماڻهو تيزي سان صحتياب ٿي رهيا آه??. ڪل 99 مسافر هئا جن ۾ ٻه ڪاڪ پٽ ڪري?? ۽ 6 ڪيبن ڪريو هئا. 97 شهادتن مان 95 ميتين کي ڊي اين اي ذريعي سڃاتو ويو. انهن جي پونئيرن کي سرڪاري خرچ تي رهايو ويو.