اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آه?? ته عمران خان 22 سال سياسي جدوجهد ڪرڻ کانپوءِ وزارت عظميٰ تي فائز ٿيو، سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سخت لاڪ ڊائون جي پاليسي ڪامياب نه ٿي سگهي، وزي??اع??م عمران خان جي ذاتي دلچسپي سان سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ ڏيڍ سئو ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو، هلندڙ سال مارچ تائين اسان جي اوڳاڙين ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو هو، بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آه??، سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان ٺاهي ويندي، ديامير ڀاشا، داسو ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع آه??. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بج??ٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته الله تعاليٰ ڪورونا کان اسان سڀني کي محفوظ رکي، جيڪي ان جو شڪار ٿيا انهن جي مغفرت فرمائي. اهو چيو ويو ته حڪومت جي ناقص پاليسي سان ڪورونا ??و ڦهلاءُ ۽ ماڻهو ان جو شڪار ٿيا. عمران خان مخالف ڌر جي اعصاب تي سوار هوندو آه??، ڪورونا 180 ملڪن ۾ آه?? ۽ عمران خان جي حڪومت رڳو هتي آه??.