اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آه?? ته بلوچس??ان ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان اسپتالن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو آه?? جڏهن ته مستقبل ۾ به صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمورن ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهيا آه??ون. اهڙن خيالن جو اظها?? هن ڪوئيٽا ۾ فاطمه جناح چيسٽ اينڊ جنرل اسپتال ۽ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ڪوئيٽا جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان ڪورونا جي صورتحال ضابطي ۾ آه??. هن چيو ته ڊاڪٽرز، طبي عملو ۽ لاڳاپيل ادارن جا اهلڪار ڪورونا ۾ فرنٽ لائين سولجر جو ڪردار بهتر انداز ۾ ادا ڪري رهيا آه?? جن تي اسان سڀني کي فخر آه??.