اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آه?? ته ڪشمير تي پوري قوم متحد آه??، ڪشمير جي معاملي تي سفارتي ڪوششون وڌيڪ تيز ڪنداسين، اسان جي ايندڙ منزل سري نگر آه??، جيڪا هاڻي گهڻو پري نه آه??، ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جي اظهار لاءِ 5 آگسٽ کي استحصال جو ڏهاڙو ڪري ملهائينداسين، صبح 10 وڳي سڄي ملڪ ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ منٽ جي خ??مو??ي اختيار ڪئي ويندي، لاڪ ڊائون کانپوءِ دنيا کي احساس ڪرڻو پوندو ته هڪ سال کان قيد والاريل ڪشمير جي ماڻهن سان ڪهڙي حالت ٿي رهي آه??، وڏي جمهوريت جو ڀارتي حليو بي جي پي بگاڙي ڇڏيو آه??، ڀارت اڄ عالمي سطح تي اڪيلو ۽ شائننگ انڊيا هاڻي برننگ انڊيا ۾ تبديل ٿي چڪو آه??. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ خاص معاون معيد يوسف سان گڏ ڪشمير جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني قدم کڻندي علائقي کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڪشميري عوام ڪڏهن به قبول نه ڪيو. ڀارتي قدم جو مقصد ڪشميرين جي ورڇ ڪرڻ هو. پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع ڪشميرين جي جدوجهد ۾ نئين اضافي جو ڏينهن آه?? ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ ڪشميرين جو رت به شامل آه??، اسان کي ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جو مڪمل ادراڪ آه??، والاريل ڪشمير جي عوام گذريل هڪ سال کان هر قسم جي پابندين سان انتهائي مشڪل زندگي گذاري رهي آه??. والاريل واديءَ گذريل هڪ سال کان فوجي گهيراءُ ۾ آه?? ۽ واديءَ کي وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آه??. پرڏيهي وزير ان عزم کي ورجايو ته پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين سان گڏ جدوجهد ۾ گڏ بيٺل آه??. هن چيو ته قوم ۾ شعور اجاگر ڪرڻو آه?? ته قائداعظم ڪشمير کي ڇو پاڪستان جي شهه رڳ سمجهندو هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشمير تڪرار کي نئين زندگي ڏني آه??.