اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڌندڙ آ??اد?? ۽ پوکي جوڳي زمينن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي مستقبل جي ??رورتن کي نظر ۾ رکندي فوڊ سيڪيورٽي جي ??والي سان ننڍي، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي جوڙي وڃي، ڪڻڪ جي پ??داوار ۾ اضافي جي ??والي سان ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??لسلي ۾ منصوبابندي ڪئي وڃي، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن جي ??والي سان جائزه اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ مرزا شهزاد اڪبر، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. چارئي صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ??ريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.