اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ميڊيا صنعت کي درپيش مس??لن ۽ انهن جي حل جي حوالي سان شف??ف ۽ پائيدار پاليسي ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهيون، ريجنل اخبارن ۽ صحافين جي مس??لن کي نظر ۾ رکيو ويندو، سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آهي ته جيئن پاليسي اتفاق راءِ رکند?? هجي، ڊمي اخبارن جي نشاندهي ۾ ميڊيا ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مردان پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي وفد هتي ملاقات جي دوران ڪيو. اطلاعات واري ??زير شبلي فراز نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو، اطلاعات واري ??زير نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.